شريف الملڪ

شريف الملڪ: شريف الملڪ 1035هه مطابق 1625ع ۾ مغل سلطنت طرفان ٺٽي جو حاڪم/ گورنر مقرر هو. سندس اصل نالو نواب شريف الملڪ هو ۽ شاهجهان بادشاهه جنهن زماني ۾ ٺٽي آيو ته شريف الملڪ قلعي جا دروازا بند ڪري، مقابلي لاءِ تيار ٿيو ۽ ڪي نازيبا حرڪتون ڪيائين، جنهنڪري شاهجهاني مؤرخن کيس ‘شريف الملڪ’ بدران ‘شريرالملڪ’ سڏيو. ان بابت مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام’ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، “نواب شريف الملڪ عرف شريف خان، ٺٽي جو حاڪم هو ۽ هي هڪ اک کان ڪاڻو هو. سندس دور ۾ جلوس جهانگيريءَ جي ايڪويهه سال يعني 1035هه/ 1625ع ۾ شهزادو شاهجهان پنهنجي پيءَ کان ڪاوڙجي عراق عجم ڏانهن وڃڻ جي بهاني پنهنجي خاص ماڻهن سان گڏجي ٺٽي پهتو ۽ سندس ارادو هو ته ڪي ڏينهن ٺٽي ۾ رهي، پر شريف الملڪ قلعي جا دروازا بند ڪري ساڻس جنگ ڪئي، ڇو ته شريف الملڪ جهانگير بادشاهه جو وفادار هو. مڪليءَ لڳ پير بدر جي ڀرسان ٻنهي ڌرين ۾ ڪافي ويڙهه ٿي، نتيجي طور ٻنهي ڌرين جو ڪافي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.”
روايت آهي ته هڪ ڏينهن شهزادي شاهجهان جي ڳورهاري زال ڏاڙهن جي طلب ڪئي. شهزادي پنهنجي هٿ اکرين چٺي لکي شريف الملڪ ڏانهن موڪلي. هن جواب ۾ لکيو ته اهي ڏاڙهون آءٌ پاڻ بيگم ڏانهن اماڻيان ٿو. ائين چئي شريف الملڪ پنهنجي فرنگي توب انداز کي حڪم ڏنو ته بيگم ڏانهن توب جا گولا اڇلائي، ان کانپوءِ واڪو ڪري چيائين ته هتي اهو ئي ڏاڙهون آهي. توب جو آواز ٻڌڻ سان بيگم جو حمل ضايع ٿي ويو. اها به روايت آهي ته خود شريف الملڪ شهزادي کي نشانو بڻائڻ لاءِ دوربين سان ڏسي توب ڇوڙي هئي. سندس خيال هو ته شهزادو شاهجهان زد ۾ اچي ويندو، پر شهزادو اک ڇنڀ ۾ پاسيرو ٿي ويو ۽ توب جو وار خطا ٿي ويو. شريف الملڪ وار خالي ڏسي جنهن اک سان نشانو ٻڌو هو، ان اک ۾خار مان آڱر وهائي ڪڍي، جنهنڪري سندس دوڏو ٻاهر نڪري ويو ۽ ان ڏينهن کان کيس ڪاڻو سڏيو ويو. شاهجهان جي تخت تي ويهڻ کان پوءِ کيس سزا ملي ۽ سندس ڪي منصبدار به عتاب ۾ آيا. ‘ترڪ جهانگيري’ جي تڪملي ۾ محمد هادي خان جلوس جهانگيريءَ جي ايڪويهه سال جي واقعي ۾ لکي ٿو ته، شاهجهان ايران جي شهنشاهه شاهه عباس صفويءَ سان دوستاڻا ناتا قائم ڪري چڪو هو. هن شاهه عباس صفويءَ سان ملڻ لاءِ ٺٽي جو رستو اختيار ڪيو هو، پر ٺٽي جي مغل حاڪم شريف الملڪ هن لاءِ رستا تنگ ڪري ڇڏيا ۽ ساڻس جنگ ڪئي. آخرڪار شاهجهان واپس هندستان موٽيو، جتي کيس اها خبر ملي ته سندس شهزادو پرويز 7 صفر 1035هه/29 آڪٽوبر 1625ع تي وفات ڪري ويو هو. شريف الملڪ اصل ۾ بادشاهه جهانگير سان وفاداريءَ خاطر اهو سڀ ڪجھه ڪيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو هو تاريخ ۾ شريف الملڪ بدران شريرالملڪ سڏجڻ ۽ لکجڻ لڳو.


لفظ شريف الملڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو